رانديون

ٽي 20 ليگز وڌي ويون، ڀارتي بورڊ پاليسيون بدلائڻ تي مجبور

ڀارت جي آئي پي ايل سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ٽي 20 ليگز جي تعداد ۾ وڏي انگ ۾ واڌارو ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي پنهنجي سخت پاليسين کي تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي پنهنجي رانديگرن کي ٻين ليگز ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ تي ويچار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو ويو آهي تھ ڀارتي سرمائيڪار ڏکڻ آفريقا جي فرنچائيز خريد ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾ هن بورڊ کان رانديگرن کي ان کيڏڻ جي اجازت گهري ورتي آهي، جنهن سبب بورڊ پاليسي نرم ڪرڻ جو رٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button