رانديون

پاڪستان جي اڌ ٽيم 179 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي

پاڪستان جي اڌ ٽيم 179 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 378 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جون 6 وڪيٽون ڪري پيون آهن. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي سريلنڪا 315 رنسون 6 ڄڻن جي آئوٽ ٿيڻ تي اننگ شروع ڪئي تھ سندس بيٽر بيهي نھ سگهيا ۽ اهي 63 رنسن جو اضافو ڪري آئوٽ ٿي ويا آهن. سريلنڪا جي بيٽرن مان نروشن شڪوالا 51، دنيٿ ويلالاگي 11، رميش مينڊس 35، پرابٿ جئي سوريا 8 رنسون ٺائوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ اسيٿا فرنانڊو 4 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن تھ پاڪستان جي بيٽرن عبدالله شفيق ٻڙي، امام الحق 32، ڪپتان بابراعظم 16، محمد رضوان 24، فواد عالم 24 ۽ محمد نواز 12 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن، جنهن بعد آغا سلمان 58 رنسون ٺاهيون آهن ۽ ساڻس گڏ ياسر شاهه 4 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button