
آسٽريليا جي ويمن ڪرڪيٽر ميگ ليننگ آئي سي سي جي نئين رينڪنگ ۾ نمبر ون بيٽر بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي نئين ويمن ٽي 20 رينڪنگ ۾ ميگ ليننگ بيٿ موني کي پوئتي ڌڪي سندس نمبر ون تي سندس جڳهه والاري آهي. جڏهن تھ آسٽريليا جي بيٿ موني ٻي ۽ نيوزيلينڊ جي صوفي ڊوائين ٽين پوزيشن تي اچي ويون آهن. بالنگ ۾ صوفي ايڪليسٽون ۽ آل رائونڊر ۾ صوفي ڊوائين نمبر ون تي آيون آهن.