رانديون

پاڪستان 231 رنسن تي آئوٽ، سريلنڪا جون 5 وڪيٽن تي 176 رنسون

سريلنڪا جي بالرن ڌننجيا ڊي سلوا ۽ پرابٿ جئي سوريا پاڪستان جي بيٽنگ لائين تي جارحاڻا وار ڪندي 231 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 5 وڪيٽن تي 176 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم ٽئين ڏينهن تي 7 وڪيٽن جي نقصان سان 191 رنسن تي راند شروع ڪئي ۽ اسڪور ۾ رڳو 40 رنسن جو اضافو ڪري پنهنجي اننگز جي پڄاڻي ڪري ڇڏي. جڏهن تھ بيٽرن مان ياسر شاهه 26، حسن علي 21 ۽ نعمان علي هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، نسيم شاهه بھ 4 رنسن ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. هوڏانهن موٽ ۾ سريلنڪا جا بيٽر اينجلو ميٿيوز 35، دنيش چنديمل 21، دنيٿ ڊڪوالا 15، اوشاڊا فرنانڊو 19 ۽ ڪوشل مينڊس 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني 27 ۽ ڌننجيا ڊي سلوا 30 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. راند جي پڄاڻي تي سريلنڪا پاڪستان مٿان 323 رنسن جي برتري ماڻي ورتي هئي. جڏهن تھ سندس بالرن مان ڌننجيا ڊي سلوا 5 ۽ پرابٿ جئي سوريا 3 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button