رانديون

فٽبال ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽ غيرقانوني طور وڪڻڻ تي ڏنڊ لاڳو

فٽبال جي عالمي تنظيم فٽبال ورلڊ ڪپ جون ٽڪيٽون غيرقانوني طور وڪڻڻ ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق فيفا قطر ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽن جي غيرقانوني وڪري تي اڍائي لک قطري ريال يعني 69 هزار ڊالر ڏنڊ مقرر ڪيو آهي. فيفا جي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فيفا جي اجازت بنا ٽڪيٽ وڪڻڻ يا ان جي مٽاسٽا ڪندڙ هر ماڻهو تي ڏنڊ لڳايو ويندو. جڏهن تھ ورلڊ ڪپ ڏسڻ نھ ايندڙ ماڻهو صرف آفيشل ويب سائيٽ تي پيغام رکي سگهن ٿا، جن کي سندن ٽڪيٽ ٻيهر وڪرو ڪرڻ جي اجازت ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button