رانديون

ڪي پي ايل جون سموريون ميچون کيڏي نه سگهندس: شاهد آفريدي

لاهور: اسٽار آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڪشمير پريميئر ليگ لاءِ پرعزم آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ڪي پي ايل جو ٻيو سيزن به ڪامياب ٿيندو، بيٽنگ ۾ ايڪشن ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن سرجري لاءِ چيو آهي، ان ڪري هو سموريون ميچون کيڏي نه سگهندو. هن چيو ته ڪشمير پريميئر ليگ کي بهترين رانديگر مليا آهن ۽ ان جي شروعات تمام سٺي ٿي آهي، هن ڀيري ڊرافٽ ۾ نون رانديگرن کي به موقعو ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button