رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز، غلطيءَ سان پاڪستاني جمناسٽ ٻئي هنڌ منتقل

برمنگهم: برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز جي انتظاميا غلطيءَ سان پاڪستاني جمناسٽ محمد افضل کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. رپورٽن مطابق ڪامن ويلٿ گيمز جي انتظاميا پاڪستاني جمناسسٽ محمد افضل کي غلط بس ۾ ويهاريو، جنهن سبب هو جمناسٽڪ بدران باسڪيٽ بال مقابلي جي جڳهه تي پهچي ويو. باسڪيٽ بال جي جڳهه تي پهچڻ تي آرگنائيزرن کي احساس ٿيو ته بس کين غلط جڳهه تي وٺي آئي آهي، جنهن کان پوءِ کين فوري طور ڪار ذريعي جمناسٽڪ واري هنڌ پهچايو ويو، جتي پهچڻ کان صرف 4 منٽن کانپوءِ سندن مقابلو شروع ٿي ويو. پاڪستاني اختيارين ڪامن ويلٿ گيمز انتظاميه آڏو احتجاج پڻ ڪيو پر انتظاميا پاڪستاني اختيارين کي رد ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button