رانديون

آسٽريليا 124 ميڊل کٽي اڳيان، پاڪستان جي نوح دستگير پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو

ڪامن ويلٿ گيمز راندين ۾ آسٽريليا 124 ميڊل کٽي سڀني کان اڳيان آهي. جڏهن تھ پاڪستان جي نوح دستگير بٽ  ملڪ لا پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي. نوح دستگير بٽ 405 ڪلوگرام وزن کڻي ميڊل کٽيو آهي. ميڊيا مطابق ڪامن ويلٿ گيمز ۾ آسٽريليا 47گولڊ، 38 چاندي ۽ 39 ٽامي جا ميڊل کٽي پهرين پوزيشن تي پهچي ويو آهي. جڏهن تھ انگلينڊ 39 گولڊ ميڊلن سان 106، ڪينيڊا 57، نيوزيلينڊ 37، اسڪاٽ لينڊ 32، ڏکڻ افريقا 20 ميڊلز کٽيا. ڀارت 5 گولڊ ميڊلز سان 18، پاڪستان ڪل 2 ميڊل کٽي چڪو آهي.

گولڊ ميڊلسٽ نوح دستگير

جڏهن تھ فهد خواجا ٽينس ۾ آخري رائونڊ کٽي ورتو آهي. پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊي جي آصف زمان نوح دستگير بٽ کي 50 لک انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ پي سي بي بھ ميڊل کٽيندڙ کي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button