رانديون

پاڪستان هاڪي ٽيم جو ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سفر پڄاڻي تي پهتو

پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم آسٽريليا هٿان شڪست کائي وئي آهي، جنهن سان ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سندس سفر پڄاڻي تي پهچي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪامن ويلٿ گيمز جي اهم ميچ ۾ آسٽريليا جي هاڪي ٽيم پاڪستان کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 7 گولن تان وڏي شڪست ڏني آهي. جڏهن تھ ايونٽ جي پول اي ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم شڪست بعد گروپ ۾ چوٿين پوزيشن تي موجود رهي. اهڙي ريت پاڪستان جي آسٽريليا کان شڪست بعد ميڊلز جي ڊوڙ ختم ٿي وئي آهي، ايونٽ ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست ۽ ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ برابر رهي، قومي ٽيم رڳو اسڪاٽ لينڊ کي هارايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button