
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ليجنڊ سنيل گواسڪر انگلينڊ ۽ آسٽريليا کي مخاطب ٿيندي چيو آهي تھ مهرباني ڪري اهي ڀارت جي ڪرڪيٽ ۾ مداخلت نھ ڪن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تھ اسين پنهنجا معاملا بهتر ڄاڻون ٿا، اهو نھ ٻڌايو تھ اسين هن ريت ڪيون يا نھ ڪيون، رهنمائي جي ضرورت ناهي.