رانديون

نيوزيلينڊ سيريز سٺي نه رهي جنهن سبب ٽيم مان ٻاهر هيس: وهاب رياض

ليڊز: فاسٽ بالر وهاب رياض چيو آهي ته دبئي ۾ هميشه سٺي راند کيڏندا آهيون، نيوزيلينڊ سيريز سٺي نه هئي، جنهن سبب کيس ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو. ڪرڪيٽر وهاب رياض هڪ انٽرويو ۾ چيو ته دبئي ۾ هميشه سٺي راند کيڏي آهي، نيوزيلينڊ سيريز سٺي نه رهي جنهن سبب کيس ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو. هن چيو ته هينڊرڊ سيريز جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان، سليڪٽرز جي نظرن ۾ اچڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهيان ته جيئن مون کي ٽيم ۾ واپس وٺي سگهجي.

وهاب رياض چيو ته هينڊرڊ سيريز ۾ پاڻ کي ثابت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، اميد آهي ته قومي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ واپسي ٿيندي. ڳالهه ٻولهه ۾ ڪرڪيٽر وهاب رياض چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ جيڪي به ڪپتان آيا اهي سٺا هئا، بابر اعظم به بهترين رانديگر آهي ۽ هو ڪپتان طور گهڻو ڪجهه سکي رهيو آهي. هن چيو ته بابر اعظم جي قيادت ۾ ٽيم سٺي راند کيڏي رهي آهي، بابر اعظم کي اهو تجربو گهربل آهي، جيڪو کيس حاصل ٿي رهيو آهي. وهاب رياض ايشيا ڪپ جي اسڪواڊ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button