
پاڪستاني ڪرڪيٽر ۽ ڪشمير ليگ جي باغ اسٽاليئنز جي نائب ڪپتان رومان رئيس چيو آهي تھ محمد آصف کان وڌيڪ ڀلو بالر پاڪستان ۾ ناهي آيو، جنهن کي سوئنگ ۽ سيم تي وڏو ڪنٽرول هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تھ محمد آصف منهنجي بهترين تربيت ڪئي، مان هاڻ انجري مان نڪري آيو آهيان.