
يوئيفا سپر ڪپ جي فائنل ۾ ريئل ميڊرڊ جي ٽيم آئنٽراخٽ فرينڪفرٽ کي شڪست ڏئي چيمپئن شپ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق يوئيفا سپر ڪپ جي مقابلي ۾ ريئل ميڊرڊ جي ٽيم 2 گول ڪري برتري ماڻي، جيڪا آخر تائين برقرار رهي ۽ مخالف ٽيم آئنٽراخٽ فرينڪفرٽ ڪوبھ گول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. ريئل ميڊرڊ جي پاران ڪريم بينزما ۽ ڊيوڊ الابا هڪ، هڪ گول ڪيو، اهڙي ريت ريئل ميڊرڊ يوئيفا سپر ڪپ پنجون ڀيرو پنهنجي نالي ڪيو آهي.