رانديون

پاڪستاني اسڪواش رانديگرن جو آسٽريليا وارو دورو خدشن جو شڪار

پاڪستان جي اسڪواش رانديگرن جو آسٽريليا وارو دورو خدشن جو شڪار ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تھ رانديگرن کي گذريل آچر تي ايونٽ ۾ شرڪت جي ڏس ۾ آسٽريليا روانو ٿيڻو هو، پر ويزا جاري نھ ٿيڻ سبب اهي اڃا تائين روانا نھ ٿي سگهيا آهن. ميڊيا مطابق اسڪواش جي محمد عاصم خان ۽ نورينا شمس سميت ٻين رانديگرن کي اڃا تائين ايونٽ ۾ شرڪت جي ڏس ۾ ويزا جاري نھ ٿي سگهي آهي. ان حوالي سان محمد عاصم خان ۽ نورينا شمس جو چوڻ آهي تھ ويزا نھ ملڻ جي صورت ۾ ايونٽ تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ ان سان اسان جي رينڪنگ تي خراب اثر پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button