رانديون

اسان جا 11 ئي رانديگر ٽرمپ ڪارڊ آهن، تبديلي ممڪن ناهي: بابر

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ رڳو مان ئي نھ پر ٽيم جا 11 ئي رانديگر ٽرمپ ڪارڊ آهن. نيڌرلينڊ جي دوري تي روانگي کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو تھ مون کي پاڻ سميت سڄي ٽيم تي اعتماد آهي. شعيب ملڪ کي ٽيم ۾ کڻڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن اهڙو امڪان رد ڪندي چيو تھ نيڌرلينڊ بعد ايشيا ڪپ آهي، ڪوچ، سليڪٽرز ۽ مون گڏ ويهي دستياب بهترين ٽيم کي چونڊيو آهي، تنهنڪري ان ۾ تبديلي آڻڻ ممڪن ناهي، ڇوتھ اسان جو ڪامبينيشن بهترين نموني سان جڙي رهيو آهي. هن جو چوڻ هو تھ هوم ڪنڊيشنز ۾ نيڌرلينڊ سميت ڪابھ ٽيم آسان ناهي هوندي، اصل ڳالهه معياري ڪرڪيٽ هجي ٿي. عماد وسيم ۽ حسن علي کي نھ کڻڻ  بابت هن چيو تھ ٽيم ۾ دروازا ڪنهن جا بھ بند ناهن، وسيم جونيئر، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ حارث رئوف مضبوط نموني سان موجود آهن، جن کي گهٽ موقعا مليا، هن دوري ۾ انهن کي پرفارم جو موقعو مليو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button