رانديون

پاڪستان ۾ پهرين ويمن انڊر 19 ٽورنامينٽ اڄ کان شروع ٿيندي

پاڪستان ۾ پهرين ويمن انڊر 19 ٽورنامينٽ اڄ کان شروع ٿيندي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ميڊيا مطابق لاهور ۾ رٿيل 6 ٽيمن تي ٻڌل ٽورنامينٽ ۾ 84 رانديگرياڻيون صلاحيتن کي مڃرائينديون. پي سي بي جي اعلان موجب ايونٽ جا ميچ اڄ کان 22 آگسٽ تائين جاري رهندا، سيمي فائنل بھ 20 آگسٽ تي ٿيندا. جڏهن تھ آگسٽ تي ٽورنامينٽ جو فائنل ٿيندو. هوڏانهن ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم کي 4 لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت رنر اپ ٽيم کي 2 لک رپيا ملندا. جڏهن تھ پليئر آف دي ٽورنامينٽ کي 20 هزار رپيا ۽ پليئر آف دي ميچ کي 10 هزار انعام ڏنو ويندو. ٽيمن ۾ سنڌ، بلوچستان، سينٽرل پنجاب، خيبرپختونخواهه، ناردرن پنجاب ۽ سائودرن پنجاب جون انڊر 19 ٽيمون هونديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button