رانديون

ميسي 17 سالن ۾ پهريون ڀيرو بهترين رانديگر جي ڊوڙ مان آئوٽ

فٽبال جي دنيا جو وڏو رانديگر ليونل ميسي 17 سالن ۾ پهريون ڀيرو بهترين رانديگر جي ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق فرانس جي فٽبال اختيارين بيلن ڊي اور ايوارڊ ۾ 30 رانديگرن جي نامزدگي عمل ۾ آندي آهي، جن ۾ ليونل ميسي جڳهه نھ ٺاهي سگهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ 7 ڀيرا بيلن ڊي اور کٽيندڙ ليونل ميسي 2005ع بعد ايوارڊ جي نامزدگين مان ئي آئوٽ ڪيو ويو آهي، جنهن جو سبب خراب ڪارڪردگي ڄاڻائي پئي وڃي. هوڏانهن فٽبال جو هڪ ٻيو وڏو نالو نيمار بھ اهم ايوارڊ جي نامزدگي ماڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. جڏهن تھ ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ڪريم بينزما جڳهه نامزدگين ۾ ٺاهي ورتي آهي، جن کي فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button