رانديون

پاڪستاني ٽيم نيڌرلينڊ پهچي وئي، اڱاري تي پهريون ون ڊي کيڏيو ويندو

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ميچن واري ون ڊي سيرز کيڏڻ نيڌرلينڊ پهچي وئي آهي، جتي اهي اڱاري ڏينهن پهرين ميچ کيڏندا. ميڊيا مطابق ڪپتان بابراعظم جي اڳواڻي ۾ قومي ڪرڪيٽرن ايمسٽرڊيم پهچڻ بعد روٽرڊم ۾ اچي ديرو ڄمائي ورتو آهي، جنهن جي اسٽيڊيم ۾ سيريز کيڏي ويندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر ۽ آفيشلز رات جو ڏيڍ وڳي اڏام ۾ روانا ٿيا، جتان ايمسٽرڊم پهچڻ تي انهن سيلفيون ورتيون. قومي رانديگر ايمسٽرڊم بعد روٽرڊم پهتا آهن، جتي اهي شهر جي خوشگوار موسم ۾ اڄ ۽ سڀاڻي پريڪٽس پڻ ڪندا. هوڏانهن ٽيم ۾ تيز بالر شاهين شاهه آفريدي کي 2 ميچن ۾ آرام ڏنو ويو آهي، جنهن جي متبادل طور شاهنواز ڏاهاڻي يا وسيم جونيئر جڳهه والاريندا. جڏهن تھ حسن علي جي جڳهه تي نسيم شاهه بھ کيڏڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي پاڪستاني رانديگرن ون ڊي سيريز کٽڻ جو عزم ڏيکاريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button