رانديون

بابر، نوح، ارشد نديم، جهانگير خان ۽ ٻين کي سول ايوارڊ جو اعلان

پاڪستان جي حڪومت راندين جي شعبي ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن کي سول ايوارڊن سان نوازڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم، اسڪواش ليجنڊ جهانگير خان سميت سمورن رانديگرن کي 23 مارچ جي قومي تقريبن دوران سول ايوارڊ ڏنا ويندا. حڪومت جي اعلان موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم، ويمن ٽيم جي ڪپتان بسما معروف، اسڪوائش ليجنڊ جهانگير خان ۽ ڪوڏي ڪوڏي رانديگر شفيق چشتي کي ستارا امتياز جي اعزاز سان نواز ويندو. جڏهن تھ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊلز کٽيندڙ نوح دستگير بٽ، ارشد نديم حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ ملندو. اهڙي ريت سنوڪر پليئر احسن رمضان، جبل چاڙهو سرباز خان، اسڪيٽنگ جي آمنا ولي، ڪراٽيڪا شاهدا، بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مسعود جانمارشل آرٽس جي عرفان محسود کي پرائيڊ آف پرفارمنس جا ايوارڊن سان نوازيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button