
اسڪاٽ لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽھ ملڪي سيريز جي ون ڊي ميچ ۾ آمريڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق آمريڪا ٽھ ملڪي ون ڊي سيريز جي ميچ ۾ آمريڪا 8 وڪيٽن تي 295 رنسون ٺاهيون، سندس بيٽرن مان ايرون جونز 123 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، پر هو ٽيم کي کٽرائي نھ سگهيو آهي. جڏهن تھ اسڪاٽ لينڊ جي بيٽرن 48 اوور ۾ 301 رنسون ٺاهي آمريڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.اسڪاٽ لينڊ جي بيٽرن مان ڪيلم مڪليوڊ 117 رنسون ٺاهي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو، اهڙي ريت ڪريگ ويلاس 45 ۽ ميٿيو ڪراس 40 رنسون ٺاهيون.