
پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم 14 آگسٽ 2016ع جي ڏهاڙي تي انگلينڊ کي اوول جي ميدان تي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي تاريخ لکي هئي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم يوم آزادي جي اهم ڏهاڙي تي انگلينڊ جي ٽيم کي وڏي شڪست ڏيڻ سان گڏ 4 ميچن واري ٽيسٽ سيريز برابر ڪري خوشي جو تحفو پڻ ڏنو هو.