
نيڌرلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي. جڏهن تھ نيڌرلينڊ جي بورڊ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق نيڌرلينڊ جي ٽيم مينيجمينٽ پاران اعلان ڪيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ تجربيڪار وڪيٽ ڪيپر ويسلي بيريسي کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن 2019ع بعد ڪابھ انٽرنيشنل ميچ ناهي کيڏي. نيڌرلينڊ جي ٽيم ۾ ڪپتان ايڊورڊز، شاريز احمد، موسيٰ احمد، ٽام ڪوپر ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن تھ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ بابراعظم، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ ٻيا شامل آهن.