
افغانستان ۾ عورتن کي راندين جي اجازت ڏيڻ تي طالبان راضپو ڏيکاري ڇڏيو آهي، جنهن جي تصديق آئي او سي پڻ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق انٽرنيشنل اولمپڪ ڪاميٽي عورتن جي راندين بابت طالبان سان رابطو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ طالبان اهڙي اجازت تي راضپو ڏيکاريو. هوڏانهن آئي او سي جي رڪن سميرا اصغري ميڊيا کي ٻڌايو تھ طالبان سان عورتن کي راندين بات رابطو ڪيو ويو، جن عورتن کي راندين کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي. هن ٻڌايو تھ هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڏس ۾ افغانستان وٽ 2022ع ڊيڊلائين آهي.