رانديون

پاڪستان ۾ عالمي معيار جي ريسلنگ اڪيڊمي ناهي: انعام بٽ

پاڪستاني ريسلر انعام بٽ ملڪي پهلوانن کي سهولتن جي شڪايت ڪندي چيو آهي تھ ڀارتي پهلوانن کي کاڌ خوراڪ سميت جديد ترين سهولتون ملي رهيون آهن. ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ ريسلر انعام بٽ واپس ڏيهه پهتو آهي، جنهن جو شاندار استقبال پڻ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران هن جو چوڻ هو تھ پاڪستان ۾ عالمي معيار جي ڪا هڪ بھ ريسلنگ اڪيڊمي ناهي. جڏهن تھ ڀارت جي هر رياست ۾ اڪيڊمي آهي. هن چيو تھ اسان کي ڪابھ سهولت فراهم نٿي ڪئي وڃي، ايستائين جو ريسلنگ جي ڪل بجيٽ 15 لک آهي، ڀارت ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ٿيندا آهن. هن ٻڌايو تھ سهولتن جي کوٽ باوجود پاڪستاني ريسلرن ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڻ کي مڃايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button