رانديون

پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ پهرين ون ڊي سڀاڻي کيڏندا، انڊور پريڪٽس ۾ تياري

پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ پهرين ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏندا، جنهن جي تياري انڊور پريڪٽس ڪري ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق روٽرڊم جي ميدان تي ٻنهي ٽيمن سيريز جي پهرين ميچ کٽي ڪامياب شروعات ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستاني ڪرڪيٽرن برسات سبب کليل ميدان بدران انڊور پريڪٽس ڪئي، فيلڊنگ تي ڌيان ڏنو آهي، جنهن دوران ڪوچز ميزبانن خلاف تيز بالرن کي آزمائڻ خاطر نسخا پڻ ڏنا.

جڏهن تھ نيڌرلينڊ جي ٽيم وري هن ميچ ۾ تجربيڪار وڪيٽ ڪيپر ويسلي بريسي تي ڀاڙيندو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شاهين آفريدي جي انجري سبب شاهنواز ڏاهاڻي يا نسيم شاهه مان هڪ کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button