رانديون

نيڌرلينڊ خلاف ون ڊي ۾ نسيم شاهه ۽ سلمان آغا ڊيبو ڪري ورتو

پاڪستان جي تيز بالر نسيم شاهه ۽ بيٽر سلمان آغا نيڌرلينڊ خلاف ون ڊي ۾ ڊيبو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق نيڌرلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ دوران شاهين آفريدي جي انجري سبب سندس جڳهه تي نسيم شاهه کي اسڪواڊ ۾ کنيو ويو آهي. جڏهن تھ سلمان آغا پڻ اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويو آهي. شاهين شاهه آفريدي نسيم شاهه ۽ ڪوچ محمد يوسف سلمان آغا کي ڊيبوم ڪيپ پارائي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نسيم شاهه چيو تھ ون ڊي ۾ ڊيبو سان ائين لڳي پيو ڄڻ ٻيهر ڪيريئر شروع ڪري رهيو آهيان. هن چيو تھ ون ڊي ۾ کيڏي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ منهنجو خواب هو، جيڪو پورو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button