رانديون

مارڪس اسٽوئنس جي محمد حسنين جي بالنگ ايڪشن تي تنقيد، شعيب اختر چڙي ويو

ڪراچي: آسٽريلوي آل رائونڊر مارڪس اسٽوئنس طرفان قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين جي بالنگ ايڪشن تي تنقيد کانپوءِ اڳوڻي اسپيڊ بالر شعيب اختر ڪينگروز آل رائونڊر تي سخت تنقيد ڪئي آهي. قومي ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر به مارڪوس اسٽوئنس تي سخت تنقيد ڪئي آهي. شعيب اختر ٽوئيٽر تي لکيو ته مارڪس اسٽوئنس هينڊرڊ دوران محمد حسنين جي بالنگ ايڪشن بابت انتهائي شرمناڪ عمل ڪيو. ان تي آءِ سي سي مڪمل طور تي خاموش آهي. قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر لکيو ته جيڪڏهن ڪو بالر ڪليئر ٿي ويو آهي ته ڪنهن به رانديگر کي اهڙي حرڪت جي اجازت نه ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button