رانديون

ايلون مسڪ ٻيهر مانچيسٽر يونائيٽيڊ کي خريدڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽيسلا ۽ نجي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ تڪراري ٽوئيٽ ۾ مانچيسٽر يونائيٽيڊ کي خريد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايلون مسڪ مانچيسٽر يونائيٽيڊ کي خريد ڪرڻ جو بيان ڏنو پر تفصيل ظاهر نه ڪيا.

ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي ڪافي سرگرم آهي ۽ پنهنجي ٽوئيٽس جي ڪري مشهور آهي، پر اهو اڃا تائين واضح ناهي ته ڇا مسڪ واقعي دنيا جي سڀ کان وڏي فٽبال ڪلب کي خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ٻئي طرف مسڪ جي بيان کانپوءِ مانچسٽر يونائيٽيڊ جي مداحن سوشل ميڊيا تي ڪلب جي مالڪي جي تبديلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي صارف ان خيال کي پسند ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button