رانديون

4 سالن لاءِ قومي ٽيم جي مستقبل جي دوري جي پروگرام جو اعلان

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ايندڙ 4 سالن لاءِ قومي ٽيم جي مستقبل جي دوري جي پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ سي سي فل بورڊ جي 12 کان 10 ملڪن جون ٽيمون 2023 کان 2027 تائين پاڪستان جو دورو ڪنديون. ان دوران مضبوط مخالف انگلينڊ، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا کان علاوه بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان اينديون.

جڏهن ته افغانستان، آسٽريليا، آئرلينڊ ۽ زمبابوي جون ٽيمون محدود اوورن جي ڪرڪيٽ لاءِ پاڪستان اينديون. ٻئي طرف پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽي ملڪي ڪرڪيٽ سيريز به فيبروري 2025ع ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي سيريز ۾ انگلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون پاڪستان سان آمهون سامهون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button