رانديون

آءِ سي سي رينڪنگ، بابر اعظم جي ون ڊي ۽ ٽي-20 ۾ بادشاهي برقرار

دبئي: آءِ سي سي رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم پهرئين نمبر تي برقرار آهي. نيدرلينڊ خلاف 74 رنسن جي ذميواراڻي اننگز سبب ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي نمبر ون پوزيشن مستحڪم ٿي وئي آهي ۽ بابر اعظم 891 رينڪنگ پوائنٽس سان پهرين نمبر تي برقرار آهي. قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين امام الحق به ون ڊي رينڪنگ ۾ ٻئين نمبر تي برقرار آهي.

جڏهن ته فخر زمان به يارهين نمبر تي موجود آهي. ون ڊي بالرز ۾ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت جو جسپريت بمرا رينڪنگ ۾ ٻئين نمبر تي آهي. پاڪستان جو شاهين شاهه آفريدي 2 درجا هيٺ لهي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو جوش هيزل وڊ ٽئين ۽ افغانستان جو مجيب الرحمان چوٿين نمبر تي آهي. بنگلاديش جو شڪيب الحسن ون ڊي آل رائونڊرز ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي.

ٽي-20 بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو ڪپتان بابر اعظم پهرين پوزيشن برقرار رکيون ويٺو آهي، جڏهن ته ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو ٻئين نمبر تي آهي. پاڪستان جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button