انگلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هيٿر نائيٽ انجري سبب دي هنڊريڊ ۽ ڀارت خلاف سيريز مان آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق هيٿر نائيٽ ڄنگهه جي انجري سبب تازو ئي آپريشن ڪرايو آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس آڪٽوبر تائين آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. هيٿر نائيٽ دي هنڊريڊ مقابلن مان اڳ ئي نڪري وئي آهي. جڏهن تھ سيپٽمبر ۾ ڀارت خلاف هوم سيريز ۾ پڻ نھ کيڏي سگهندي. هوڏانهن هيٿر نائيٽ بيان ۾ چيو آهي تھ اميد آهي تھ سال جي آخر تائين ميدان تي واپس اچي راند کيڏي سگهنديس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close