رانديون

وارنر ڪپتاني تي تاحيات پابندي ختم ڪرائڻ جو رٿي ورتو

آسٽريليا جي ڪرڪيٽر ڊيوڊ وارنر پاڻ تا تاحيات ڪپتاني ڪرڻ تي لڳايل پابندي واري فيصلي کي ختم ڪرائڻ جو رٿي ورتو آهي، جنهن بابت هن ڪرڪيٽ آستريليا سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ڊيوڊ وارنر ۽ ٻن ٻين ڪرڪيٽرن تي 2018ع ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ دوران ٽيمپرنگ ڪرڻ تي پابنديون لڳايون ويون هيون، جن ۾ ڊيوڊ وارنر تي تاحيات ڪپتان ٿيڻ جي پابندي واري سزا پڻ شامل آهي. هوڏانهن ڊيوڊ وارنر بگ بيش ليگ ۾ سڊني ٿنڊر سان معاهدو ڪرڻ بعد ڪپتان ٿيڻ تي پابندي ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ سرگرمي شروع ڪري ڇڏي آهي. هن جو چوڻ آهي تھ هو چاهي ٿو تھ نوجوان سندس صلاحيتن مان فائدو وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button