رانديون

حسنين ايشيا ڪپ ۾ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ جڳهه ٺاهي ورتي

پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد حسنين ايشيا ڪپ جي ايونٽ ۾ پاڪستاني اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويو آهي، جيڪو جلد ٽيم کي جوائن ڪندو. ميڊيا مطابق دي هنڊريڊ کيڏڻ خاطر برطانيا ۾ موجود محمد حسنين اتان سڌو يو اي اي اچي قومي ٽيم کي جوائن ڪندو. ياد رهي تھ محمد حسنين عالمي طور 18 ٽي 20 ميچ کيڏي 17 وڪيٽون ورتيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ تيز بالر شاهين شاهه آفريدي جي انجري سبب ايونٽ مان نڪرڻ بعد محمد حسنين کي ٽيم ۾ کنيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button