ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا انجري سبب يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ثانيا مرزا سوشل ميڊيا پيج تان پنهنجي راند نھ کيڏڻ بابت اعلان ڪيو آهي. ثانيا مرزا جو چوڻ هو تھ ڪينيڊا ۾ کيڏڻ دوران ڪلهي ۾ انجري ٿي، جنهن جي اسڪين رپورٽ آئي آهي ۽ اندازو نھ هو معاملو خراب آهي، تنهنڪري مان ڪجهه هفتا نٿي کيڏي سگهان. هن چيو تھ مان يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ شريڪ نھ ٿي رهي آهيان، هاڻ آرام ڪنديس. هن چيو تھ ڏکيو وقت آهي، مان پنهنجي رٽائرمينٽ جي فيصلي ۾ تبديلي آڻي سگهان ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close