رانديون

آئرلينڊ ويمن نيڌرلينڊ کي ون ڊي ۾ هارائي سيريز کٽي ورتي

آئرلينڊ ويمن جي ڪرڪيٽ ٽيم نيڌرلينڊ ويمن کي لاڳيتو ٻي ون ڊي ۾ شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق نيڌرلينڊ ويمن جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 337 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ لي پال 137 ۽ نورا ڊيلني 109 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي آهي. جڏهن تھ نيڌرلينڊ ويمن جي ڪابھ بيٽر کيڏي نھ سگهي، جنهن جي بيٽرن مان انيمجن وان بوجي 26 رنسن سان نمايان رهي ۽ سڄي ٽيم 127 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. آئرلينڊ جي بالر ڪارا مري 5 وڪيٽون وٺي نيڌرلينڊ کي 210 رنسن تان شڪست ڏياري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button