
انٽرنيشنل ليگ تي 20 جي ٽيمن جي انٽرنيشنل رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪوبھ پاڪستاني ڪرڪيٽر شامل ناهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جي انٽرنيشنل ليگ ٽيم ۾ ڪنهن بھ پاڪستاني رانديگر شامل نھ ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پي سي بي بھ آئي ايل ٽي ۾ شرڪت خاطر رانديگرن کي اين او نھ ڏيڻ جو رٿي ڇڏيو آهي، جنهن سبب اڃا تائين ڪنهن بھ رانديگرن کي اين او سي نھ ملي سگهي آهي.