رانديون

ايران ۾ 40 سالن بعد عورتن کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت

ايران ۾ 40 سالن بعد پهريون ڀيرو عورتن کي اسٽيڊيم ۾ اچي راند ڏسڻ جي اجازت ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق ملڪ ۾ 1979ع جي اسلامي انقلاب بعد پهرين ڀيرو عورتن اسٽيڊيم ۾ اچي ميچ ڏٺي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ تهران جي آزادي اسٽيڊيم ۾ 500 عورتن کي ليگز جي ميچ ڏسڻ خاطر اجازت ملي، جتي عورتن ۽ مردن جي ويهڻ جا ڌار ڌار انتظام ڪيا ويا هئا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سارا خداياري نالي سماج سڌارڪ عورت 3 سال اڳ پابندين خلاف جدوجهد ڪندي پاڻ ساڙي انت آندو، جنهن بعد نرمي ٿي، پر حتمي فيصلو فيفا پاران ايران کي عورتن تي رانديون ڏسڻ مٿان پابندي ختم ڪرڻ جو خط لکيي دٻا وڌو، جنهن بعد اهو فيصلو ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button