رانديون

شاداب، آصف علي ۽ فهيم بگ بيش ليگ جو حصو بڻجي ويا

پاڪستان جي 3 ڪرڪيٽر شاداب خان، آصف علي ۽ فهيم اشرف آسٽريليا جي بگ بيش ليگ جو حصو بڻجي ويا آهن. ميڊيا مطابق آسٽريلوي ٽي 20 ليگ جي فرنچائيز هوبارٽ هوريڪينز پاڪستان جي ٽنهي رانديگرن سان معاهدو ڪيو آهي. جڏهن تھ فرنچائيز جي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ شاداب کي هڪ لک 92 هزار پائونڊ ۽ آصف علي کي گولڊ ڪيٽيگري ۾ هڪ لک 47 هزار پائونڊ معاوضو ڏنو ويندو. هوڏانهن رڪي پونٽنگ جو چوڻ آهي تھ شاداب خان بهترين اسپنر سان گڏ شاندار فيلڊر آهي، آصف علي مڊل آرڊر ۾ بهترين هٽر ۽ فهيم اشرف ڊيٿ اوور ۾ هٽنگ جو ماهر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button