رانديون

پاڪستان جو هاڪي اولمپيئن منظور جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو

پاڪستان جي هاڪي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ ليجنڊ اولمپيئن منظور حسين جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق منظور حسين جونئير کي دل ۾ تڪليف سبب لاهور جي اسپتال ۾ آندو ويو، جتي هن 64 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو. منظور حسين جونيئر کي دل جا 3 اسٽنٽ اڳ ئي لڳايا ويا هئا. منظور جونيئر ملڪ جي 175 ڀيرا نمائندگي ڪندي مجموعي طور تي 86 گول ڪيا هئا. جڏهن تھ هو 1982ع جي ورلڊ ڪپ ۾ فائنل جو هيرو رهيو، هن 1984ع ۾ لاس اينجلس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل بھ کٽيو ۽ 1978ع ۽ 1987ع جي فاتح ٽيم جو حصو پڻ رهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button