
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تيز بالر شاهنواز ڏاهاڻي ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف پهرين ميچ ۾ جارحاڻي راند کيڏڻ تي مداحن وٽان سنڌ جي شان جو لقب حاصل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق شاهنواز ڏاهاڻي ڀارت خلاف ميچ ۾ 6 بالن تي ٻھ ڇڪا هڻڻ سان گڏ 16 رنسون ٺاهي پنهنجي ڌاڪ ڄمائي ورتي ۽ ان سان گڏ بالنگ ۾ پڻ هن پنهنجي صلاحيتن جي هاڪ ڪرائي ورتي آهي. هوڏانهن شوبز شخصيتن پڻ شاهنواز ڏاهاڻي کي ساراهيو آهي. اداڪار فهد مصطفيٰ ڪمنٽ ڪندي چيو تھ واهه ڙي ڏاهاڻي سنڌ جي شان آهين.