رانديون

آل رائونڊر معين علي کي انگلينڊ ٽيم جي قيادت ملڻ جو امڪان

لنڊن: 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ آل رائونڊر معين علي کي انگلينڊ ٽيم جي قيادت ملڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب انگلش ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر جي پاڪستان دوري ۾ شرڪت فٽنس مسئلن سبب شڪي آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي اسڪواڊ جو اعلان هن هفتي ڪيو ويندو. رپورٽن موجب جوز بٽلر کي انجري سبب دي هينڊرڊ ٽورنامينٽ کان اڳ ئي ٻاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوني بيريسٽو ۽ بين اسٽوڪس کي پاڪستان جي دوري دوران آرام ڏيڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف انگلينڊ جي جارحاڻي اوپنر ليام ليونگ اسٽون جي پاڪستان جي دوري ۾ شرڪت به شڪي آهي، جنهن سبب معين علي کي انگلش ٽيم جي قيادت لاءِ فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي. ان کان علاوه فل سالٽ، ول اسمڊز، ول جيڪس ۽ ايلڪس هيلز ٽيم ۾ شموليت جا اميدوار آهن، جڏهن ته مارڪ ووڊ ۽ ڪرس ووڪس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button