رانديون

باڪسر عامر خان طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان

لنڊن: پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران منعقد ڪيل فنڊ ريزنگ تقريب لائيو ٽيليٿون دوران باڪسر عامر خان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. عامر خان عمران خان کي ٽيلي فون ڪري ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري طور تي 50 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پهريان ته باڪسر عامر خان جي آواز کي نه سڃاتو، پر ٽيم پاران ٻڌائڻ تي عامر خان جو شڪريو ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button