ايشيا ڪپ ٽي 20 جي مقابلن دوران هانگ ڪانگ جي ڪرڪيٽر ڪنچٽ شاهه ڀارت خلاف ميچ بعد پنهنجي هڪ دوست ڇوڪري کي سرعام شادي جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت خلاف وچ ميدان تي ڪنچٽ شاهه پاران دوست ڇوڪري کي ڪيل شادي جي آڇ واري وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو تھ، ڪنچٽ شاهه بيٽنگ دوران آئوٽ ٿيڻ بعد واپسي تي دوست وٽ اچي شادي جو چئي ڏنو. جڏهن تھ ڪنچٽ شاهه جي دوست اچتو آڇ تي حيران ٿيڻ بعد منڊي وٺي پائي شادي جي آڇ کي قبولي ورتو. هوڏانهن ايشيا ڪپ جي اختيارين اهڙي وڊيو شيئر ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close