رانديون

نيشنل ڪپ ۾ ڪي پي ڪي هٿان 2 رنسن تان ناردرن کي شڪست

نيشنل ٽي 20 ڪپ جي مقابلن ۾ خيبرپختونخواهه 2 رنسن تان ناردرن پنجاب کي شڪست ڏئي پنهنجي ميچ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق راوالپنڊي ۾ جاري ايونٽ دوران ناردرن پنجاب جي ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنسن ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڪي پي ڪي جي ٽيم 8 وڪيٽون وڃائي 159 رنسون ٺاهي آخري بال تي ميچ کٽي ورتي آهي. ڪي پي ڪي جي اوپنر صاحبزادا فرحان 53 رنسون ٺاهيون ۽ محمد حارث 33 رنسن جي اننگز کيڏي آهي. ناردرن جو بيٽر حسن نواز 38 رنسن سان نمايان رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button