رانديون

يوڪريني ٽينس اسٽار جو بيلاروس رانديگرياڻي سان هٿ ملائڻ کان انڪار

يوڪرين جي ٽينس اسٽار مارتا ڪوسٽيوڪ يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ميچ دوران بيلاروس جي مخالف رانديگرياڻي سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ دوران روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جا اثر چٽي نموني نظر آيا آهن. ان حوالي سان يوڪرين جي ٽينس اسٽار مارتا ڪوسٽيوڪ جو چوڻ هو تھ مون بيلاروس جي وڪٽوريا آزارينڪا کي پيغام موڪلي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو تھ هٿ ملائڻ جو هي مناسب وقت ناهي. هن چيو تھ هر ماڻهو هن قدم کي سفارتي طور ڏسي پيو، پر ڳالهه اها آهي تھ منهنجا ماڻهو روز قتل پيا ٿين. هوڏانهن بيلاروس جي وڪٽوريا ڪوسٽيوڪ جو چوڻ هو تھ مارتا جو اهو عمل حيران ڪندڙ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button