پاڪستان ايشيا ڪپ جي آخري گروپ مئچ ۾ هانگ ڪانگ کي 155 رنسن تان وڏي شڪست ڏئي سپر-4 مرحلي ۾ سيٽ پڪي ڪري ورتي، جتي سڀاڻي هڪ دفعو ٻيهر پاڪ-ڀارت ٽيمن جو دنگل ٿيندو. دبئي اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين بئٽنگ جي دعوت ملڻ تي مقرر 20 اوورن ۾ 193 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر محمد رضوان 78، فخر زمان 53 ۽ خوشدل شاهه 5 ڇڪن جي مدد سان 35 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيا. هن اننگز جي آخري اوور ۾ لڳاتار 4 ڇڪا هنيا. جواب ۾ هانگ ڪانگ جي بئٽنگ لائين به پاڪستاني بالرن اڳيان فلاپ ثابت ٿي ۽ صرف 38 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ليگ اسپنر شاداب خان 4. محمد نواز 3، نسيم شاهه 2 ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ايشيا ڪپ ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون سپر فور مرحلي ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close