
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل سنڌي ڪرڪيٽر شاهنواز ڏاهاڻي انجري سبب ڀارت خلاف ميچ مان نڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق لاڙڪاڻو بوائي طور مشهور شاهنواز ڏاهاڻي کي ڇڪ محسوس ٿيڻ بعد ان جي انجري جي نشاندهي ٿي آهي، جنهن بعد پي سي بي ميڊيڪل ٽيم اه جي انجري جي ايم آر آئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن شاهنواز ڏاهاڻي جي انگريزي جي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي ساراهه ٿي رهي آهي. هانگ ڪانگ خلاف ميچ کان اڳ ميڊيا سان انگريزي ۾ ڳالهايو، انهن جي سوالن جا جواب ڏنا آهن.