
نيشنل ڪپ جي جاري مقابلن ۾ ناردرن پنجاب جي ٽيم دلچسپ مقابلي بعد سيٽرل پنجاب کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽورنامينٽ ۾ ميچ 16 اوورن تي محدود ٿيڻ بعد ناردرن 3 رنسن تان ڪامياب ٿي آهي. ناردرن پنجاب جي 7 وڪيٽن تي 146 رنسن جي جواب ۾ سينٽرل پنجاب جي ٽيم 5 وڪيٽن تي 143 رنسون ٺاهي سگهي آهي. جڏهن تھ علي عمران 56 رنسن جي اننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪري ورتو آهي.