رانديون

آسٽريليا پهرين ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ آسٽريليا 45 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 233 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي. آسٽريليا جي ڪيمرون گرين 89 ۽ ڪيري 85 رنسن جي اننگز کيڏي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جا بيٽر ڊيون ڪونوي 46، ڪين وليمنس 45 ۽ ٽيم ليٿم 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. آسٽريليا جي بالرن مان گلين ميڪسويل 4 ۽ جوش هيزل ووڊ 3 وڪيٽون ورتيون. اهڙي ريت نيوزيلينڊ جي ابلر ٽرينٽ بولٽ 4 شڪار ڪري پاڻ مڃايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button