رانديون

بابراعظم جي بادشاهي ختم،رضوان ٽي ٽوئنٽي دنيا جو نئون راجا

دبئي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ ۾ وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي. محمد رضوان جي پوائنٽس جو انگ 815 ٿي ويو آهي، جڏهن ته بابراعظم 794 پوائنٽس سان ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي. بابر اعظم آءِ سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ 1155 ڏينهن تائين پهرئين نمبر تي پنهنجو راڄ برقرار رکيو، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.

تازي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو مڪرم ٽئين، ڀارت جو سوريا ڪمار چوٿين ۽ انگلينڊ جو ڊيوڊ مولن پنجين نمبر تي آهي. اهڙي طرح آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ ٽاپ بالر رهيو، ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي ٻئين، انگلينڊ جو عادل رشيد ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڪو به پاڪستاني بالر ٽاپ ٽين ۾ شامل ناهي. شاداب خان 14 هين ۽ شاهين شاهه آفريدي 15 هين نمبر تي آهي. آل رائونڊرز جي لسٽ ۾ افغانستان جو محمد نبي پهرئين نمبر تي پنهنجو راڄ برقرار رکيو آهي، جڏهن ته ٽاپ ٽين ۾ ڪو به پاڪستاني شامل ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button